20. تا - ها
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1طٰہٰ
2توتي قرآن ھن لاءِ نه لاٿوسون ته تون اؤکو ٿئين
3پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون)
4اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ مٿاھن آسمانن کي بڻايو آھي
5(اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي
6جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي
7۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي
8الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن
9۽ (اي پيغمبر) توکي مُوسىٰ جي ڳالھ نه پُھتي آھي ڇا؟
10جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين ته ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اميد ته منجھانئس ڪو اڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو لھان
11پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) ان کي سڏيو ويو ته اي موسى
12بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇوته تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين
13۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ
14سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر
15بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي
16جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين
17۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟
18چيائين ته ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (به) فائدا آھن
19(الله) فرمايو ته اي مُوسىٰ اُھا اُڇلي ڇڏ
20پوءِ اُھا اُڇليائين ته اُھا انھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ نانگ ٿي پئي
21(الله) فرمايو ته اُنھيءَ کي وٺ ۽ نه ڊڄ، اُنھيءَ کي سندس پھرين شڪل ۾ موٽائينداسون
22۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل تي رک ته بي عيبو اڇو ٿي نڪري اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي
23ته توکي پنھنجين وڏين نشانين مان ڏيکاريون
24فرعون ڏانھن وڃ جو اُھو بيشڪ نافرمان ٿيو آھي
25(مُوسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ منھنجو سينو کول
26۽ منھنجو ڪم مون لاءِ سولو ڪر
27۽ منھنجي زبان جي ھٻڪ لاھ
28ته (اُھي) مُنھنجي ڳالھ سمجھن
29۽ منھنجي گھر وارن منجھان مون لاءِ ڪو وزير مُقرّر ڪر
30(يعني) منھنجي ڀاءُ ھارون کي
31اُن سان منھنجي سگھ مُحڪم ڪر
32۽ منھنجي ڪم ۾ اُن کي ڀائيوار ڪر
33ته تنھنجي گھڻي پاڪائي بيان ڪريون
34۽ توکي گھڻو ياد ڪريون
35بيشڪ تون اسان جو حال ڏسندڙ آھين
36(الله) چيو ته اي موسىٰ بيشڪ (تولاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو
37۽ بيشڪ توتي ھڪ ڀيرو (ٻيو به) احسان ڪيوسون
38جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو
39ته اُن نينگر کي صندوق ۾ وِجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل ته درياءُ کيس ڀر ڏانھن اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان توتي پيار وڌم، ۽ (گھريم) ته منھنجي اکين اڳيان پلجن
40جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي تڏھن چيائين ٿي جيڪو ان کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان، پوءِ توکي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون ته اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نه رھي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئي پوءِ توکي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ توکي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھ رھين، وري اي موسىٰ تون تقدير (الٰھي) موافق آئين
41۽ (اي موسى) توکي خلاصو پاڻ لاءِ بڻايم
42تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ ڍرائي نه ڪجو
43فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو نافرمان ٿيو آھي
44پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو ته مانَ اُھو سوچ ڪري يا ڊڄي
45چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي ڏاڍ ڪري يا زيادتي ڪري
46(الله) چيو ته نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو
47پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو ته اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي، ۽ کين نه ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي
48بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي ته جيڪو الله جي حُڪمن کي ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي
49(فرعون) چيو ته پوءِ اي مُوسىٰ اوھان جو پالڻھار ڪير آھي؟
50(موسى) چيو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھي جنھن ھر شيء کي (پاڻو داڻي) رُؤاني بخشي وري ھدايت ڪيائين
51(فرعون) چيو ته پھرين ٽولين جو ڪھڙو حال آھي؟
52(موسى) چيو ته اُن جي خبر منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو پالڻھار نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي
53جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، ۽ پوءِ اُن سان ھر جنس جا اوڀڙ پاڻون داڻا ڄماياسون
54(چيوسون ته) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ سمجھ وارن لاءِ نشانيون آھن
55منجھانئس اوھان کي بڻايوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس ٻيو ڀيرو اوھان کي ڪڍنداسون
56۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريوسون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين
57(فرعون) چيو ته اي موسىٰ اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا ته پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪن مان اسان کي لوڌين؟
58پوءِ اسان به اھڙائي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙا تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) مقرر ڪر ۽ نڪي اسين ابتڙ ٿيون ۽ (اُھو) ھڪ صاف پڌر ۾ ھُجي
59چيائين ته اوھان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين
60پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو
61مُوسىٰ جادوگرن کي چيو ته اوھان تي خرابي ھجي الله تي ڪوڙو ٺاھ نه ٺاھيو نه ته اوھان کي ڪنھن آفت سان کپائيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ مراد کي نه پھتو
62پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون
63چيائون ته ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي بلڪل چڱي مذھب کي وڃائڻ گھرندا آھن
64تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري صفون ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ ڏاڍو ٿيو سو بيشڪ ڇٽو
65چيائون ته اي مُوسىٰ (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو جادو) اُڇليون
66(مُوسى) چيو ته ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو ته ڄڻڪ اھي ڊوڙن ٿيون
67پوءِ مُوسىٰ پنھنجي دل ۾ ڊپ ڀانيو
68چيوسون ته نه ڊڄ ڇوته تون ئي غالب آھين
69۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل ته جيڪي بڻايائون سو ڳِھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو جادوگر جي فريب کانسواءِ نه آھي، ۽ جادوگر جِتي ويندو اُتي نه ڇٽندو
70پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون ته مُوسىٰ ۽ ھارون جي پالڻھار تي آيمان آندوسون
71(فرعون) چيو ته اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (يعني استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنھنجو عذاب بلڪل سخت ۽ بلڪل ھميشه رھڻ وارو آھي
72چيائون ته چِٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي توکي ڪڏھن زيادتي نه ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ ۾ ڪندين
73بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي ته اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي
74سچ آھي ته جيڪو منھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو
75۽ جيڪي مؤمن ٿي وٽس چڱا ڪم ڪري ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن
76سدائين رھڻ جا باغ جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي
77۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ انھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀَو نه ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ
78پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُنَّ) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو
79۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو
80اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون
81(۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو
82۽ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان
83۽ اي موسىٰ ڪنھن توکي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟
84چيائين ته اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم ته راضي ٿئين
85(الله) چيو ته اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو
86پوءِ مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين ته اي منھنجي قوم اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نه ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي ابتڙائي ڪيوَ
87چيائون ته پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نه ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کڻايا وياسون پوءِ اُھي (باھ ۾) وڌاسون پوءِ اھڙي طرح سامري وڌا
88پوءِ انھن لاءِ گابي جو بوتو ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون ته ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلجي ويو
89نه ٿي ڏٺائون ڇا ته (اُھو) اُنھن کي ورندي ورائي نٿو ڏئي، ۽ کين نڪي ڏُک ۽ نڪي سُک ڏئي سگھي ٿو؟
90۽ بيشڪ ھارُون پھريون ئي کين چيو ھو ته اي منھنجي قوم اوھين اُن (گابي) سان پرکيا ويا آھيو، بيشڪ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو (الله) آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪريو ۽ منھنجو حُڪم مڃيو
91چيائون ته (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين مُوسىٰ اسان ڏانھن موٽي
92(مُوسىٰ اچي) چيو ته اي ھارون توکي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي
93ته منھنجي پٺيان نه لڳين، منھنجي حُڪم جي نافرماني ڪيئي ڇا؟
94(ھارون) چيو ته اي ادا نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس ته متان چوين ته يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌءِ ۽ منھنجي چوڻ جو انتظار نه ڪيئي
95(موسى) چيو ته اي سامري تنھنجو ڇا حال آھي
96چيائين ته اُھا (شيء) ڏٺم جا (ماڻھن) نه ڏٺي پوءِ اُن موڪيل جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو
97(موسى) چيو ته وڃ بيشڪ توکي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي ته چوندو رھندين ته نه ڇُھو، ۽ تولاءِ بيشڪ (ٻيو به) انجام آھي جنھن جي توسان ابتڙائي نه ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي تون مجاور ٿي ويٺو ھُئين، ته اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کنڊائينداسين
98اوھان جو معبود الله ئي آھي انھيءَ کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، سڀڪا شيء سندس علم ۾ سمائي آھي
99(اي پيغمبر) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان توتي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان توکي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون
100جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو
101منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي
102جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون
103(تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُ پُس ڪندا ته اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ
104جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھائن پوري رستي وارو چوندو ته ھڪ ڏينھن کانسواءِ نه رھيا آھيو
105۽ (اي پيغمبر) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چؤ ته منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کنڊائيندو
106پوءِ اُن ھنڌ کي صاف پٽ ڪري ڇڏيندو
107منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين
108اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نه ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نه ٻڌندين
109جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي
110جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس علم ڪري نه ويڙھيندا
111۽ سڀ مُنھن سدائين جيئري بيھڪ ڏيندڙ لاءِ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کَنيو سو ڇيئي وارو ٿيو
112۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (به) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو
113۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري
114پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ
115۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون
116۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، ۽ اُن انڪار ڪيو
117پوءِ چيوسون ته اي آدم ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي ته ڏکيا ٿيو
118بيشڪ تولاءِ (ھي آھي ته) منجھس نڪي بُک لڳندءِ نڪي اُگھاڙو ٿيندين
119۽ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندءِ
120پوءِ کيس شيطان ڌوڪو ڏنو چيائين ته اي آدم سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو توکي ڏَس ڏيان؟
121پوءِ منجھانئس ٻنھي کاڌو تنھنڪري انھن کي سندين اوگھڙ پڌري ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرمان ٿيو تنھنڪري ڀُلو
122وري سندس پالڻھار کيس سڳورو ڪيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين
123چيائين ته منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي ھدايت جي تابعداري ڪئي سو گمراھ نه ٿيندو ۽ نڪي ڏکيو ٿيندو
124۽ جيڪي منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسون
125چوندو اي منھنجا پالڻھار مون کي انڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس
126(الله) چوندو ته ائين آھي تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين
127۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نه مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ سدائين رھندڙ آھي
128(ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نه ڏيکاريو ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جن جائن ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن
129۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نه ھجي ھا ته ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا
130پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر ته مانَ تون راضي ٿئين
131۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي اکين کي انھن ڏانھن نه کول جنھن سان منجھائن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتي جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون ته منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي
132۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نه گھرندا آھيون، اسين توکي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي
133۽ چون ٿا ته اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇونه آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي تنھن جي نشاني وٽن نه آئي آھي ڇا؟
134۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا ته ضرور چون ھا ته اي اسانجا پالڻھار اسان ڏانھن پيغمبر ڇونه موڪليئي ته پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا
135(اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين به) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندو ته سڌي واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath