اسلام
واپس

98. البينا

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن انڪار ڪيو سي (ايسين تائين پنھنجي رسم کان) الڳ ٿيڻ وارا نه ھوا جيسين تائين وٽن پڌري حُجّت (نه) اچي

2(يعني) الله جو پيغمبر جو پاڪ صحيفا پڙھي

3جن ۾ سڌا سنوان لکيل حُڪم آھن

4۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو سي پاڻ وٽ پڌري حُجّت جي اچڻ کانپوءِ مُختلف ٿيا

5۽ ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو حڪم نه ڪيو وين ته باطل کان مُنھن موڙي الله جي عبادت ڪن ۽ نماز پڙھندا رھن ۽ زڪوٰة ڏيندا رھن ۽ اھو آھي سڌو دين

6بيشڪ ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي دوزخ جي باھ ۾ پوندا منجھس سدائين رھندڙ ھوندا، اھي ئي (ساريءَ) خلق کان (تمام) بڇڙا آھن

7بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اھي ئي (ساريءَ) خَلق کان ڀَلا آھن

8سندن بدلو سندن پالڻھار وٽ ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن انھن ۾ ھميشه سدائين رھندا، الله کائن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اھو (وعدو) انھيءَ لاءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار کان ڊنو

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath