اسلام
واپس

96. العلق

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو

2ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين

3پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي

4جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو

5ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو

6سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي

7جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي

8بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي

9اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي

10(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي

11ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا

12يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا

13ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو

14ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو

15ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس

16اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي

17پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي

18اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون

19ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath