اسلام
واپس

92. الليل

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي

2۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو

3۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي

4ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي

5پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي

6۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين

7تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين

8۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين

9۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين

10تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين

11۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو

12بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي

13۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن

14پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي

15(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو

16جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو

17۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو

18جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي

19۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي

20پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو)

21۽ ضرور جلد خوش ٿيندو

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath