اسلام
واپس

91. آش شمس

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي

2۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي

3۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري

4۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي

5۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو

6۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو

7۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو

8پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس

9جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو

10۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو

11(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو

12جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو

13پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو

14پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين

15۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath