اسلام
واپس

90. البلاد

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو

2۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين

3۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو

4ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون

5(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟

6چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو

7ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟

8کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟

9۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟

10۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس

11پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو

12۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟

13ٻانھو آجو ڪرڻ آھي

14يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ

15مائٽي واري ڇوري ٻار کي

16يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي

17ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون

18اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن

19۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن

20مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath