89. الفجر
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1پرھ جو قسم آھي
2۽ ڏھن راتين جو قسم آھي
3۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي
4۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي
5ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي
6نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو
7(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا
8جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي
9۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون
10۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين)
11انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي
12پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون
13تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو
14بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي
15پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو
16۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو
17(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو
18۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو
19۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو
20۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو
21ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي
22۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا)
23۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي
24چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا
25پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو
26۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو
27(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ
28تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي
29تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ
30۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath