اسلام
واپس

87. الاعلا

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر

2جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين

3۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين

4۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو

5پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين

6اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين

7مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به)

8۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين

9پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر

10جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو

11۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو

12جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو

13وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو

14بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو

15۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو

16بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو

17۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي

18بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي

19جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath