86. طارق
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي
2۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟
3(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي
4ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي
5تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي
6ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس
7جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي
8بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي
9جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا
10پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس)
11۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي
12۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي
13ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي
14۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي
15بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا
16۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو
17پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath