85. البروج
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1بُرجن واري آسمان جو قسم آھي
2۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي
3۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي
4ته کاھين وارا ماريا وڃن
5جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي
6جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا
7۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا
8۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو
9جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي
10بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي
11بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
12بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي
13بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو
14۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي
15(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي
16جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي
17تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟
18(يعني) فرعون ۽ ثمود جي
19بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن
20۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي
21بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي
22حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath