اسلام
واپس

84. الانشقاق

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1جڏھن آسمان ڦاٽندو

2۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس

3۽ جڏھن زمين پکيڙبي

4۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي

5۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس

6اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين

7پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو

8تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو

9۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو

10۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو

11سو سگھوئي موت کي سڏيندو

12۽ دوزخ ۾ گھڙندو

13ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو

14بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو

15ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي

16پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو

17۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس

18۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي

19ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ

20پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن

21۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن

22بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن

23۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي

24پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي

25پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath