83. المطفيفين
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي
2جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن
3۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن
4اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو
5اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ
6جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا
7سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي
8۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟
9ھڪ لکيل دفتر آھي
10اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي
11جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن
12۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو
13جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن
14ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي
15ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا
16وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا
17وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ
18سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي
19۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟
20ھڪ لکيل دفتر آھي
21اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن
22بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا
23تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا
24(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين
25مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن
26جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن
27اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي
28جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا
29بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا
30۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا
31۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا
32۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن
33۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا
34تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا
35تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا
36(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath