82. الانفيطار
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1جڏھن آسمان ڦاٽندو
2۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا
3۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا
4۽ جڏھن قبرون پٽبيون
5(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين
6اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟
7جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين
8جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين
9ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو
10۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن
11سڳورا لکڻ وارا
12جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن
13بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا
14۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا
15عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا
16۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا
17۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
18وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
19اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath