اسلام
واپس

80. اباسا

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين

2ھن ڪري جو وٽس نابين آيو

3۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا

4يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا

5پر جنھن بي پرواھي ڪئي

6پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين

7ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي

8۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو

9۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو

10پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو

11ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي

12پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي

13(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن

14جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن

15لکندڙن جي ھٿن ۾

16جي سڳورا ڀلارا آھن

17ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي

18(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس

19مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس

20وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس

21وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس

22وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو

23ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين

24پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي

25ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو

26وري زمين کي پوري طرح چيريوسون

27پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون

28۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون

29۽ زيتون ۽ کجيون

30۽ گھاٽا باغ

31۽ ميوو ۽ گاھ (به)

32اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ

33پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي

34انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو

35۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان

36۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو

37انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي

38ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا

39کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا

40۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي

41جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي

42اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath