79. نازيه
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي
2۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي
3۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي
4پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي
5پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي
6ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي
7ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو
8تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون
9انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون
10چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟
11ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟
12چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي
13پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي
14پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا
15(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟
16جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو
17ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي
18پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟
19۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين
20پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين
21پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين
22وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو
23پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين
24پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان
25پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو
26بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي
27ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟
28اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين
29۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين
30۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين
31اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين
32۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين
33اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ
34پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو
35اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين
36۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو
37پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو
38۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين
39تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي
40۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين
41پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي
42(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟
43(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟
44اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي
45جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين
46جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath