اسلام
واپس

78. انب

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا

2(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت

3جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن

4ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا

5وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا

6زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟

7۽ جبلن کي ميخون؟

8۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون

9۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون

10۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون

11۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون

12۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون

13۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون

14۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون

15ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون

16۽ گھاٽاباغ (به)

17بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي

18جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ

19۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو

20۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا

21بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي

22جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي

23منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا

24اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا

25تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ

26(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي

27ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا

28۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا

29۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون

30پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون

31بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي

32جو باغ ۽ ڊاکون

33۽ ھم عمر نوجوان زالون

34۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به)

35اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا

36(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي

37جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو

38جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا

39اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي

40بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath