اسلام
واپس

77. المرسلات

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي

2پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي

3۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي

4پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي

5پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي

6(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن

7ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي

8پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا

9۽ جڏھن آسمان چيربو

10۽ جڏھن جبل اڏائبا

11۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا

12(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو

13فيصلي جي ڏينھن لاءِ

14۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي

15اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

16پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟

17وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون

18ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون

19اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

20اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟

21پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون

22ھڪ مُقرّر وقت تائين

23پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون

24اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

25زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟

26(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي)

27۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون

28اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

29(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو

30(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو

31نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي

32بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي

33ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن

34اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

35اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا

36۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن

37اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

38ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون

39پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو

40اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

41بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا

42۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا

43(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو

44بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون

45اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

46(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو

47اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

48۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن

49اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

50پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath