اسلام
واپس

76. الانسان

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي جو (ھو اھڙي) ڪا شيءَ نه ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي

2بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون

3بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر

4بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير يا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي

5بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي

6اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا

7جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي

8۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن

9(۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون

10بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي

11پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي

12۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين

13اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا

14۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا

15۽ روپن ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي جي شيشن وانگر ھوندا

16(پر) شيشا (به) چاندي جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري انداز سان ٺھرايو آھي

17۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا جنھن (جي پاڻي) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي

18اُتي اھو ھڪ چشمو آھي جنھن جو نالو سَلۡسَبِيۡل رکيو وڃي ٿو

19۽ وٽن ھميشه رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا، (اي ڏسندڙ) جڏھن انھن کي ڏسندين (ته) انھن کي کنڊريل موتي پيو ڀائيندين

20۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين

21مٿانئن سنھي سائي پَٽ ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا، ۽ چاندِيءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا، ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو

22بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي

23بيشڪ اسان توتي قرآن درجي بدرجي لاٿو

24پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ

25۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر

26۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ

27بيشڪ اُھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳوري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن

28اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (ته) اھڙا ٻيا عوض ۾ مٽائي آڻيون

29بيشڪ اھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي

30۽ اوھين نه گھرندؤ مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي

31جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath