اسلام
واپس

75. القيامة

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو

2۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا)

3ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون

4ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون

5بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري

6پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

7پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون

8۽ چنڊ گرھبو

9۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا

10(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟

11نه نه! ڪا واھ ڪانھي

12تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي

13اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين

14بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي

15توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري

16(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين

17ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي

18پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ

19وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي

20نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو

21۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو

22ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا

23پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا

24۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا

25ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ

26نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو

27۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي

28۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو

29۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي

30اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي

31پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين

32پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين

33وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو

34توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي

35وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي

36ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو

37(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو

38وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين

39پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين

40اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath