74. المدتثير
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس
2کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار
3۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر
4۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک
5۽ پليتي کان پري رھ
6۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين
7۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر
8پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو
9تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو
10ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو
11مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي
12۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم
13۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم)
14۽ ان کي پوري طرح وڌايم
15وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان
16ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي
17جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس
18بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو
19پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين
20وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين
21وري (غور ڪري) ڏٺائين
22وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين
23وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين
24پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو
25ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي
26جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس
27۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي
28اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو
29ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي
30اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن
31۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي
32سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي
33۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري
34۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي
35ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي
36(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي
37اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي
38سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي
39پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن)
40(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا
41ڏوھارين کان
42ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو
43چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون
44۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون
45۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون
46۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون
47تان جو اسان کي موت پھتو
48پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي
49پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن
50ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن
51جي شينھن کان ڀڳا ھجن
52بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن
53ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن
54سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي
55پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي
56۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath