اسلام
واپس

73. المزمل

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ ورا مڙس

2رات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو

3رات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ

4يا اڌ رات تي وڌاءِ ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ

5بيشڪ اسين توتي ھڪ ڳرو حُڪم نازل ڪنداسين

6بيشڪ رات جو اُٿڻ (نفس جي) جھڪي ڪرڻ ۾ تمام سخت آھي ۽ لفظن (چوڻ) ۾ تمام پڪو آھي

7بيشڪ توکي ڏينھن ۾ گھڻو ڌنڌو آھي

8۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان ھڪ طرفو ٿي چڱي طرح ڏانھس متوجه ٿيءُ

9جو اوڀر ۽ اولھ جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري تون کيس ڀرجھلو ڪري وٺ

10۽ (ڪافر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي

11۽ مون کي ۽ جيڪي ڪوڙ ڀائيندڙ آسودا آھن تن کي ڇڏي ڏي ۽ اُنھن کي ٿوري مُھلت ڏي

12بيشڪ اسان وٽ (ڳرا) نيل ۽ ٻاريل باھ آھي

13۽ نڙي گھٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب آھي

14جنھن ڏينھن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا ڍڳ ھاريل ٿيندا

15(اي ماڻھو) بيشڪ اسان اوھان ڏانھن ھڪ پيغمبر اوھان تي شاھدي ڏيندڙ موڪليو جھڙي طرح فرعون ڏانھن (موسى) پيغمبر (ڪري) موڪليوسون

16پوءِ فرعون اُن پيغمبر جي نافرماني ڪئي تنھنڪري اُن کي سخت پڪڙ ۾ پڪڙيوسون

17پوءِ جيڪڏھن (اوھين) ڪافر رھندؤ ته اھڙي ڏينھن کان ڪيئن بچندو جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪندو

18اُن ڏينھن ۾ آسمان ڦاٽندو، الله جو انجام (ضرور پورو) ٿيڻو آھي

19بيشڪ ھيءَ نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي

20بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته تون ٻن ٽھائن رات جي ويجھو اُٿندڙ آھين ۽ اڌ رات جو ۽ ٽھائي رات جي ۽ جيڪي تو ساڻ آھن تن مان به ھڪ ٽولي (اٿندي آھي)، ۽ الله رات ۽ ڏينھن جو اندازو ڪندو آھي، الله ڄاتو ته اوھين رات جو اُٿڻ پورو ڪري نه ٿا سگھو تنھنڪري اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو پوءِ جيترو آسان ٿي سگھي سو قرآن مان پڙھو، الله ڄاڻي چڪو ته اوھان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا جي زمين ۾ مسافري ڪن ٿا الله جي فضل مان (روزيءَ جي) طلب ڪن ٿا ۽ ٻيا الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) وڙھن ٿا، تنھنڪري جيترو قرآن مان آسان ٿي سگھي سو پڙھو ۽ نماز کي قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيو، ۽ جيڪي پاڻ لاءِ چڱائي مان اڳي موڪليندؤ تنھن کي الله وٽ وڌيڪ چڱو ۽ اجر ڪري تمام وڏو لھندؤ، ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath