71. نوح
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار
2چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
3ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
4ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو
5(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس
6پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو
7۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون
8وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو
9وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم
10پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي
11ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي
12۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي
13اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو
14حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين
15نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو
16۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين
17۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو
18وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو
19۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو
20ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو
21نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو
22۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو
23۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو
24۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي
25انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون
26۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ
27بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا
28اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath