70. المعارج
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو
2جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي
3جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي
4جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا
5تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر
6ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا
7۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون
8جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو
9۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا
10۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو
11(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي
12۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به)
13۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي
14۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس
15ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي
16مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي
17جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي
18۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين
19بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي
20جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي
21۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي
22پر (اُھي) نمازي (نه)
23جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن
24۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي
25سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ
26۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن
27۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن
28بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو
29۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن
30پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن
31پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن
32۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن
33۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن
34۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن
35اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا
36پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن
37سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي
38منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟
39ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن
40پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون
41ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون
42پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو
43جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا
44ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath