اسلام
واپس

69. الحاق

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1قيامت

2ڇا آھي (اھا) قيامت

3۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟

4ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو

5پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا

6۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا

7(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن

8پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟

9۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا

10۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو

11بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو

12ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي

13پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي

14۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو

15پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي

16۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو

17۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا

18اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي

19پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو

20بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس

21اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو

22مٿاھين بھشت ۾

23جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا

24(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ

25۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا

26نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟

27ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا

28منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو

29مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي

30(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس

31وري دوزخ ۾ وجھوس

32وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي

33ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو

34۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو

35تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي

36۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي

37(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو

38پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو

39۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به)

40ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي

41۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا

42۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا

43(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي

44۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا

45ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا

46وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا

47پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي

48۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي

49۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن

50۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي

51۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي

52تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath