62. الجمعة
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي (جو) بادشاھ تمام پاڪ (ذات) غالب حڪمت وارو آھي
2(الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر پيدا ڪيو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ اِھي (ھن کان) اڳ پڌري گمراھي ۾ ھوا
3۽ انھن مان ٻـين لاءِ به جي اڃا انھن (مسلمانن) سان نه مليا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
4اِھو الله جو فضل آھي انھن کي ڏيندو آھي جنھن کي وڻندو اٿس، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي
5جن (ماڻھن) کي توريت کڻايو ويو پوءِ اُھو نه کنيائون تن جو مثال (انھيءَ) گڏھ جي مثال وانگر آھي جو (گھڻا) ڪتاب کڻي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙ ٿي ڀانيو تنھن قوم جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله ظالم ماڻھن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي
6(اي پيغمبر) چؤ ته اي يھوديو جيڪڏھن ڀائيندا آھيو ته ٻـين (سڀني) ماڻھن کانسواءِ رڳو اوھين الله جا دوست آھيو ته جيڪڏھن (انھي ڳالھ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو
7۽ جيڪي سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي تنھنجي ڪري اُھو ڪڏھن نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي
8(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اُھو موت جنھن کان ڀڄندا آھيو سو ته ضرور اوھان کي پھچڻ وارو آھي وري (اوھين) ڳجھ ڄاڻندڙ ڏانھن موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي (اوھين دُنيا ۾) ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو
9اي ايمان وارؤ جڏھن جُمعي جي ڏينھن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي تڏھن الله جي ياد ڪرڻ ڏانھن ڊُڙو ۽ واپار ڇڏيو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي
10پوءِ جڏھن نماز پوري ڪئي وڃي ته زمين تي کنڊري وڃو ۽ الله جي فضل جي طلب ڪريو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇٽو
11۽ (اُھي مسلمان) جڏھن ڪو سودو (ھلندو) يا ڪو تماشو ڏسن ٿا (ته) اُن ڏانھن کنڊري وڃن ٿا ۽ توکي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏين ٿا، (انھن کي) چؤ ته جيڪي الله وٽ آھي سو تماشي ۽ واپار کان (وڌيڪ) ڀَلو آھي، ۽ الله (سڀني) روزي ڏيندڙن کان ڀَلو آھي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath