اسلام
واپس

56. الواقعه

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1جڏھن قيامت ايندي

2جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي

3ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري

4جڏھن زمين سخت ڌوڏبي

5۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا

6پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا

7۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ

8پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا

9۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟

10۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا

11اھي (ئي) مقرب آھن

12نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا

13گھڻا پھرين مان

14۽ ٿورا پوين مان

15(سون سان) اُڻيل تخت تي

16ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا

17ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا

18آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن)

19(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا

20۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن

21۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين

22۽ وڏين اکين وارون حورون

23(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون

24جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾

25اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا

26پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو

27۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا

28لاسڙين ٻيرين ۾

29۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾

30۽ ڊگھن پاڇن ۾

31۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾

32۽ گھڻن ميون ۾

33نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا

34۽ اُچا وڇاڻا

35بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي

36پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون

37مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون

38سڄي پاسي وارن لاءِ

39گھڻي جماعت پھرين مان آھي

40۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي

41۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا

42ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا

43۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا

44جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ

45بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا

46۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا

47۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟

48يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا

49(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان

50ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا

51وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ

52ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ

53پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ

54پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ

55پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ

56قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي

57اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو

58ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو

59تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟

60اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون

61ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو

62۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟

63ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو

64سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟

65جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو

66(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون

67بلڪ اسين بي نصيب آھيون

68ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو

69اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟

70جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟

71ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو

72تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون

73اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي

74تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر

75پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو

76۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي

77بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي

78لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي

79پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي

80جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي

81پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا

82۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا

83پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي

84۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو

85۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو

86پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو

87ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو

88پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو

89ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي

90۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو

91ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي

92پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو

93ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني

94۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي

95بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي

96تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath