55. ارحمان
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1ٻاجھاري (الله)
2قرآن سيکاريو
3ماڻھو کي پيدا ڪيائين
4ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين
5سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن
6۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن
7۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين
8ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو
9۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو
10ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين
11منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن
12۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن
13پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
14ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين
15۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين
16پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
17جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي
18پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
19ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن
20انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن
21پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
22انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن
23پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
24۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن
25پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
26جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو
27۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي
28پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
29جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي
30پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
31اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون
32پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
33اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ
34پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
35اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ
36پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
37پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو
38پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
39پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا
40پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ
41ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا
42پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
43(چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو
44انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا
45پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
46۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن
47پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
48ٻئي باغ گھاٽا آھن
49پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
50انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا
51پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
52انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن
53پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
54اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو
55پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
56اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي
57پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
58اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن
59پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
60چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي
61پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
62۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن
63پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
64ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن
65پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
66اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا
67پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
68انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا
69پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
70انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون
71پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
72حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون
73پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
74انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي
75پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
76ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا
77پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
78تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath