اسلام
واپس

53. نجم

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي

2ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو

3۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي

4ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي

5اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي

6جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو

7۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو

8وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو

9پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو

10پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين

11جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو

12جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟

13۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين

14سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ

15اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي

16جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي

17(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي

18بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين

19لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟

20۽ پوئين ٽين منات کي به؟

21ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون

22اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي

23اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي

24ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟

25پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي

26۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي

27بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن

28۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي

29پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين

30اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي

31۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي

32جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو

33(اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو

34۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو

35وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي

36اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي

37۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو

38(ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو

39۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين

40۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي

41وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو

42۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي

43۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو

44۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو

45۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو

46منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي

47۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي

48۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين

49۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي

50۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو

51۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين

52۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا

53۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين

54پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو

55پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين

56ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي

57ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي

58اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي

59ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟

60۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو

61۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو

62پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath