اسلام
واپس

52. ات-تور

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1(جبل) طُور جو قسم آھي

2۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي

3جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي

4۽ آباد گھر جو (قسم) آھي

5۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي

6۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي

7ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي

8اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي

9جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو

10۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا

11تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي

12جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن

13جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا

14(تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو

15ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟

16ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو

17بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا

18جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو

19(چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو

20ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون

21۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي

22۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون

23اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو

24۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن

25۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا

26چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون

27پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين

28بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي

29پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين

30بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون

31(انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان

32کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي

33چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين

34پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين

35اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟

36آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين

37تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟

38کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي

39الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟

40اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن

41اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن

42ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن

43انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي

44۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي

45پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن

46جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي

47۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن

48۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر

49۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به)

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath