اسلام
واپس

51. اَدَهريت

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ

2پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي

3پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي

4پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي

5ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي

6۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي

7واٽن واري آسمان جو قسم آھي

8ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو

9قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي

10اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي

11جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن

12پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

13(ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو

14(چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو

15بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا

16جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا

17رات جو ٿورو سمھندا ھوا

18۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا

19۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو

20۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن

21۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟

22۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو

23پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو

24اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟

25جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن

26پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين

27پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟

28پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون

29پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟)

30چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي

31(ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي

32چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون

33ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون

34جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن

35پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون

36پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون

37۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون

38۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون

39پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي

40تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون

41۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون

42جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي

43۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو

44پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو

45پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا

46۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا

47۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون

48۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون

49۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو

50پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان

51۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان

52اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي

53ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن

54تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين

55۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي

56۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون

57نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين

58بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي

59پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن

60پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath