اسلام
واپس

50. قاف

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1قٓ، سڳوري قرآن جو قسم آھي

2بلڪ ھن ڳالھ ڪري عجب ۾ پيا ته اُنھن وٽ اُنھن مان (ئي) ھڪ ڊيڄاريندڙ آيو ته پوءِ ڪافرن چيو ته ھي عجب ڳالھ آھي

3ڀلا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون، اھو وري جيئرو ٿيڻ (عقل کان) پري آھي

4انھن مان جيڪي زمين گھٽائيندي آھي سو بيشڪ ڄاتو اٿون، ۽ اسان وٽ ھڪ حفاظت رکندڙ ڪتاب آھي

5بلڪ سچو دين جڏھن وٽن آيو ته اُن کي ڪوڙ ڄاتائون پوءِ اُھي منجھيل ڪم ۾ آھن

6پوءِ آسمان جو سندن مٿان آھي تنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته اُن کي ڪيئن بڻايو اٿون ۽ اُن کي (ڪيئن) سينگاريو اٿون ۽ اُن ۾ ڪا ڦوٽ نه آھي

7۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل وڌاسون ۽ منجھس سڀڪنھن وڻندڙين جنسن مان سَلّا ڄماياسون

8سڀڪنھن ورندڙ ٻانھي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ

9۽ آسمان کان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون پوءِ اُن سان باغ ۽ لڻڻ واري پوک جو اَن ڄمايوسون

10۽ ڊگھيون کجيون (به) جن جا گوشا تہ ٿيل آھن

11ٻانھن جي روزي (ڏيڻ) لاءِ ۽ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، ۽ اھڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آھي

12کائن اڳ نوح جي قوم ۽ رس (جي شھر) وارن ۽ ثمود (قوم) ڪوڙو ڀانيو

13۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن

14۽ ايڪه وارن ۽ تُبّع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو پوءِ (مٿن) منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو

15پھرين ڀيري (جي) خلقڻ ۾ (ڪو) ٿڪا آھيو ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آھن

16۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون

17جڏھن جو ٻه لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان وھندڙ لکندا آھن

18ڪا ڳالھ نه ڳالھائيندو آھي جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نه آھي

19۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي، (چئبو ته) اِھا اُھا شيءِ آھي جنھن کان پاسو ڪندو ھُئين

20۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي

21۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو

22(چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي

23۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته جيڪي مون وٽ (لکيل) موجود ھو سو ھي آھي

24(چئبو ته) اي ٻئي (ملائڪؤ) سڀڪنھن ناشڪر ھٺيلي کي دوزخ ۾ اُڇليو

25(جو) خير کان جھليندڙ حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي

26جنھن الله سان ٻيو معبود ٺھرايو اھڙي (ھر ھڪ) کي سخت عذاب ۾ اُڇليو

27سندس سنگتي (شيطان) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون اُن کي گمراھ نه ڪيو ھو پر اُھو (پاڻ) وڏي گمراھيءَ ۾ (پيل) ھو

28(الله) چوندو ته مون وٽ جھڳڙو نه ڪريو ھن ھوندي جو بيشڪ اوھان ڏانھن عذاب جو انجام (ھن کان) اڳي موڪليو ھوم

29نڪي مون وٽ انجام ڦيرائبو آھي ۽ نڪي آءٌ ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھيان

30جنھن ڏينھن دوزخ کي چونداسون ته ڀريو آھين (يا نه!) ۽ (دوزخ) چوندو ته (ٻيو به) ڪجھ (اڃا) ھن کان وڌيڪ آھي ڇا؟

31۽ بھشت پرھيزگارن لاءِ ويجھو ڪبو نه پري

32(چئبو ته) جنھن جو اوھان کي سڀڪنھن (الله ڏانھن) رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب نگاھ رکڻ واري لاءِ انجام ڏبو ھو سو ھي آھي

33جيڪو پرپٺ ٻاجھاري (الله) کان ڊنو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ٿيل دل سان آيو

34(چئبو ته) سلامتيءَ سان بھشت ۾ گھڙو، اھو سدائين رھڻ جو ڏينھن آھي

35جيڪي گھرندا سو منجھس انھن لاءِ (موجود) آھي ۽ اسان وٽ (اُن کان) وڌيڪ به آھي

36۽ انھن کان اڳ ڪيترائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون جي پڪڙ ۾ اُنھن کان به تمام ڏاڍا ھوا پوءِ شھرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، ته ڪا (بچڻ جي) واھ آھي؟

37بيشڪ انھيءَ ڳالھ ۾ اُنھي لاءِ نصيحت آھي جنھن کي دل ھجي يا جو دل لائي ڪن ڏئي

38۽ بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايوسون، ۽ اسان کي ڪو ٿَڪ نه ٿيو

39پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي (ڪافر) چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان بيان ڪر

40۽ ڪجھ (مھل) رات جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھ ۽ نماز کان پوءِ به

41۽ (ھي ڳالھ) ٻُڌ ته جنھن ڏينھن ويجھي ھنڌ کان سڏيندڙ سڏيندو

42جنھن ڏينھن سچ پچ سخت ھَڪل ٻُڌندا، اُھو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينھن آھي

43بيشڪ اسين جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽڻ آھي

44جنھن ڏينھن زمين انھن کان ڦاٽندي (تنھن ڏينھن) تڪڙا وڃڻ وارا ھوندا، اِھو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آھي

45جيڪي (ڪافر) چوندا آھن سو اسين چڱي طرح ڄاڻندا آھيون ۽ تون مٿن (ڪو) ڏاڍ ڪرڻ وارو نه آھين، پوءِ جيڪو منھنجي عذاب جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي تنھن کي قرآن سان سمجھاءِ

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath