اسلام
واپس

49. الحجرات

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1اي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي آڏو اڳرائي نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي

2اي ايمان وارؤ پنھنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ڪريو ۽ جيئن اوھان جو ھڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالھائڻ آھي (تئين) ساڻس ڳالھ ڏاڍيان نه ڳالھايو جو متان اوھان جا عمل چٽ ٿي وڃن ۽ اوھين نه پروڙيندا ھجو

3بيشڪ جيڪي پنھنجن آوازن کي الله جي پيغمبر جي آڏو جھڪو ڪندا آھن اِھي اُھي آھن جن جي دلين کي الله پرھيزگاريءَ لاءِ آزمايو آھي، اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي

4بيشڪ جيڪي حُجرن جي ٻاھران توکي سڏيندا آھن تن مان گھڻا بي سمجھ آھن

5جيڪڏھن اُھي تنھنجي ڏانھُن نڪرڻ تائين صبر ڪن ھا ته اُنھن لاءِ ڀَلو ھُجي ھا، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي

6اي ايمان وارؤ جيڪڏھن ڪو بدڪار ڪا خبر اوھان وٽ آڻي ته جاچ ڪريو جو (متان) ڪنھن قوم کي بي خبريءَ سان نقصان پھچايو پوءِ جيڪي اوھان ڪري چڪؤ تنھن تي پشيمان ٿيو

7۽ ڄاڻو ته اوھان ۾ الله جو پيغمبر آھي، جيڪڏھن گھڻن ڪمن ۾ ھو اوھان جو چيو مڃيندو ته اوھين ڏکيا ٿيندؤ پر الله اوھان وٽ ايمان کي پيارو ڪرايو ۽ اوھان جي دلين ۾ ان کي چڱو ڪري ڏيکاريائين ۽ اوھان وٽ ڪفر ۽ بي ديني ۽ گناھ کي ناپسند ڪرايائين، اھي سڌي رستي وارا آھن

8الله جي فضل ۽ احسان سان، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي

9۽ جيڪڏھن مؤمنن جون ٻه ٽوليون پاڻ ۾ وڙھن ته سندن وچ ۾ صُلح ڪريو، پوءِ جيڪڏھن انھن مان ھڪڙي ٻي تي زيادتي ڪري ته جيڪا زيادتي ٿي ڪري تنھن سان وڙھو جيسين تائين الله جي حُڪم ڏانھن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏھن موٽي آئي ته سندن وچ ۾ انصاف سان صُلح ڪريو ۽ انصاف سان ھلو، ڇوته الله انصاف وارن کي پيارو رکندو آھي

10مؤمن ته سڀ ڀائر آھن تنھنڪري پنھنجي ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي

11اي ايمان وارؤ ڪا ٽولي ڪنھن ٽولي تي ٺـٺولي نه ڪري جو متان اُھي اُنھن کان ڀلا ھجن ۽ نه زالون ٻـين زالن سان (ٺـٺوليون ڪن) جو متان اُھي اُنھن کان ڀَليون ھجن، ۽ نڪي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي کي) عيب لايو ۽ نڪي ھڪ ٻئي کي بڇڙن لقبن سان سڏيو، (جو) ايمان آڻڻ کانپوءِ بي دينيءَ جو نالو (پوڻ) خراب آھي، ۽ جن توبه نه ڪئي سي ئي ظالم آھن

12اي ايمان وارؤ گھڻو ڪري گمان کان بچو، بيشڪ ڪي گمان گناھ آھن ۽ نڪي جاسوسي ڪريو ۽ نڪو ڪو اوھان مان ھڪ ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوھان مان ڪو ھڪڙو پنھنجي مُئي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا جنھن کان نفرت ڪندا آھيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي

13اي ماڻھؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان تمام عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي

14جھنگلي چوندا آھن ته ايمان اندو اٿون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (حقيقت ڪري) ايمان نه آندو اٿو پر (ايئن) چؤ ته اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نه آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ ته اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (به) نه گھٽائيندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي

15مؤمن رڳو اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو وري (ڪو) شڪ نه ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جُسن سان جھاد ڪيائون، اھي ئي سچا آھن

16(اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دين الله کي ڄاڻائيندا آھيو ڇا؟ ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي

17(اي پيغمبر) اسلام آڻڻ جو توتي احسان رکندا آھن، چوينِ ته مون تي پنھنجي اسلام (آڻڻ) جو احسان نه رکو، بلڪ اوھان تي الله احسان رکندو آھي جو اوھان کي ايمان جي ھدايت ڪيائين جيڪڏھن سچا آھيو

18بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath