اسلام
واپس

43. از زخرف

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1حٰمٓ

2پڌري ڪتاب جو قسم آھي

3ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي عربيءَ (ٻوليءَ ۾) قرآن ڪيو آھي ته مانَ اوھين سمجھو

4۽ بيشڪ اُھو (ڪتاب) لَوح مَحۡفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي

5اوھان کان نصيحت کي ھن ڪري مُنھن موڙي جھلينداسون ڇا ته اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو

6۽ اڳين (قومن) ۾ گھڻائي پيغمبر موڪلياسون

7۽ وٽن ڪوبه پيغمبر نه ٿي آيو مگر ساڻس ٺـٺوليون ٿي ڪيائون

8پوءِ اُنھن (قريشن) کان سگھ ۾ تمام ڏاڍن (عاد ۽ ثمود) کي (جو کائن بلڪل سگھارا ھوا) ناس ڪياسون ۽ اڳين جي حالت (اڳين بيان ۾) گذري چڪي آھي

9۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ٿه آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو ته ضرور چوندا ته انھن کي غالب ڄاڻندڙ (الله) بڻايو

10(اُنھيءَ الله) جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ اوھان لاءِ منجھس رستا بڻايا ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو

11۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران ڳوٺ آباد ڪياسون، اھڙي طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو

12۽ (اُنھيءَ الله) جنھن ھر قسم جا جانور بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ٻيڙيون ۽ اُھي جانور بڻايائين جن تي (اوھين) چڙھو

13ته اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن جي نوائڻ جي (ڪڏھن) طاقت رکندڙ نه ھواسون

14۽ بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون

15۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي

16(الله) پنھنجي مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا)؟

17۽ جڏھن منجھائن ڪنھنکي اُنھيءَ شيءَ (يعني ڌيءُ جي ڄمڻ) جي خبر ڏجي جيڪا ٻاجھاري (الله) لاءِ مثال بيان ڪئي اٿس (تڏھن) سندن منھن ڪاراٽجي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريو ھوندو آھي

18جيڪو ڳھن ۾ پالجي ٿو ۽ اُھو جھڳڙي ۾ (پنھنجي ڳالھ کي) پڌرو ڪرڻ وارو نه آھي

19۽ ملائڪن کي (الله جون) ڌيئرون مُقرّر ڪيون اٿن جي (پاڻ) الله جا ٻانھا آھن، (اھي) سندن پيدا ٿيڻ وقت حاضر ھوا ڇا؟ سندين (اھا) شاھدي سِگھو لکبي ۽ (ھُو قيامت ۾) پُڇيا ويندا

20۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) گھري ھا ته انھن (ملائڪن) جي عبادت نه ڪريون ھا کين ھن (ڳالھ) جي ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن

21کين ھن (قرآن) کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُنھن اُن کي چنبڙي ورتو آھي

22(نه!) بلڪ چوندا آھن ته بيشڪ اسان پنھنجن ابن ڏاڏن کي ھڪ مذھب تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن پيرن تي رستي لھڻ وارا آھيون

23۽ اھڙي طرح توکان اڳ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون پر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ھڪ دين تي ڏٺا ۽ بيشڪ اسين انھن (ئي) جي پيرن تي پيروي ڪندڙ آھيون

24(پيغمبر کين) چيو ته (پنھنجن ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندؤ) ڇا؟ جيتوڻيڪ اوھان وٽ اُھو (دين) آندو اٿم جنھن (دين) تي اوھان پنھنجن پين ڏاڏن کي ڏٺو تنھن کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکارڻ وارو آھي، چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھنجا اسين مُنڪر آھيون

25پوءِ کائن بدلو ورتوسون پوءِ ڏس ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪئن ٿي

26۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيو ته جنھن شيء کي (اوھين) پوڄيندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان

27پر جنھن مون کي پيدا ڪيو سو بيشڪ مون کي سگھوئي ھدايت ڪندو

28۽ الله سندس اولاد ۾ اِھا (توحيد جي ڪلمي جي) ڳالھ ھميشه رھائي ته مانَ اُھي (ڪافر) موٽن

29بلڪ مان انھن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو وٽن سچّو دين ۽ پڌرو پيغمبر (ﷺ) آيو

30۽ جنھن مھل سچو دين وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءَ جادو آھي ۽ بيشڪ اسين اُن جا مُنڪر آھيون

31۽ چيائون ته (ھنن) ٻن ڳوٺن وارن مان ڪنھن سردار مڙس تي ھيءُ قرآن ڇونه نازل ڪيو ويو

32اِھي تنھنجي پالڻھار جي رحمت وراھيندا آھن ڇا؟ اسان سندن گذران سندن وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراھيو آھي ۽ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڏي مرتبي وارو ڪيوسون ته ھڪڙا ٻـين کي فرمانبردار ڪري وٺن، ۽ جيڪو (دنيا جو مال) گڏ ڪندا آھن تنھن کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت ڀلي آھي

33۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته (متان) ماڻھو ھڪ ٽولي (ڪفر جي) ٿي وڃن جيڪي ٻاجھاري (الله) جو انڪار ڪندا آھن تن لاءِ سندن گھرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙھن سي روپيون ڪريون ھا

34۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ تخت جن تي ٽيڪ ڏيئي ويھن (سي به روپا ڪريون ھا)

35۽ اِھو سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو (ٿورو) آسودو رھڻ آھي، ۽ تنھنجي پروردگار وٽ آخرت پرھيزگارن لاءِ آھي

36۽ جيڪو ٻاجھاري (الله) جي ياد ڪرڻ کان غافل رھندو آھي تنھن لاءِ ھڪ شيطان مقرر ڪندا آھيون جو اُھو اُن جو سنگتي ھوندو آھي

37۽ بيشڪ اُھي شيطان سڌي واٽ کان اُنھن کي جھليندا آھن ۽ (ماڻھو پاڻ کي) ڀانئيندا آھن ته اُھي ھدايت وارا آھن

38تانجو جڏھن اسان وٽ ايندو (تڏھن پنھنجيءَ سنگتي شيطان کي) چوندو ته ھيء افسوس (جيڪر) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري ڏورائي ھجي ھا پوءِ بڇڙو سنگتي آھين (تون)

39۽ ھرگز نه نفعو ڏيندي اوھان کي اڄ اھا سڌ جڏھن ظُلم ڪيو اوھان تحقيق اوھان عذاب ۾ شريڪ ٿيڻ وارا آھيو

40(اي پيغمبر) تون ٻوڙن کي ٻڌائي ٿو سگھين ڇا يا انڌن کي ۽ اُھو جيڪو پڌريءَ گُمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي ھدايت ڪري سگھين ٿو ڇا؟

41پوءِ جيڪڏھن توکي (ھن جھان مان) نيون ته بيشڪ اسين (اتي ئي) کائن بدلو وٺڻ وارا آھيون

42يا جيڪو کين انجام ڏنو اٿون سو توکي ڏيکاريون ته به بيشڪ اسين مٿن وسوارا آھيون

43تنھن ڪري جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو تنھن کي تون چنبڙي وٺ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين

44۽ بيشڪ اِھو (قرآن) تولاءِ ۽ تنھنجي قوم لاءِ نصيحت آھي، ۽ (اوھين) سگھوئي پڇيا ويندؤ

45۽ پنھنجن پيغمبرن مان جيڪي توکان اڳ موڪليا ھواسون تن جو (احوال) پُڇ، ته ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ڪي) ٻيا معبود بڻايا ھواسون ڇا جن جي پوڄا ڪئي وڃي؟

46۽ بيشڪ مُوسىٰ کي پنھنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان

47پوءِ جنھن مھل وٽن اسان جي نشانين سان آيو (تنھن مھل) اوچتو اُھي اُنھن (معجزن) کان کلندا رھيا

48۽ ڪابه نشاني کين نه ٿي ڏيکاري سون پر اِھا (نشاني) اُن جي اڳين کان تمام وڏي ھئي، ۽ کين عذاب سان پڪڙيوسون ته مانَ اُھي (ڪفر کان) موٽن

49۽ چيائون ته اي جادوگر پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ اُنھيءَ (وسيلي) سان دُعا گھر جنھن جو توسان انجام ڪيو اٿس، ته بيشڪ اسين ھدايت وارا ٿينداسون

50پوءِ جنھن مھل کائن عذاب لاٿوسون اوچتو اُنھن عھد ڀڳو

51۽ فرعون پنھنجي قوم ۾ پڙھو ڏنو چيائين ته اي منھنجي قوم مِصۡر جي بادشاھي منھنجي نه آھي ڇا؟ ۽ ھي نھرون منھنجي (ماڙين جي) ھيٺان (نه) وھنديون آھن (ڇا؟) اوھين نه ڏسندا آھيو ڇا؟

52(نه!) بلڪ آءٌ ھن (مُوسى) کان ڀَلو آھيان جو اُھو خوار آھي، ۽ چٽو ڳالھائي به نه ٿو سگھي

53پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇونه لاٿا ويا يا ساڻس گڏ ٿي ملائڪ ڇونه آيا؟

54پوءِ پنھنجي قوم کي بي عقل ڪيائين تنھنڪري سندس فرمانبرداري ڪيائون، بيشڪ اُھي بي دين قوم ھوا

55پوءِ جڏھن اسان کي ڪاوڙايائون (تڏھن) کائن وير ورتوسون پوءِ اُنھن سڀني کي ٻوڙيوسون

56پوءِ کين (ڪافرن جو) اڳواڻ ۽ پوين لاءِ آکاڻي ڪيوسون

57۽ جڏھن مريم جي پُٽ جو قصّو بيان ڪيو ويو (تڏھن) اُمالڪ اُن (قِصّي) کان تنھنجي قوم لُڙ مچائيندي آھي

58۽ (اُھي) چوندا آھن ته اسان جا معبُود ڀلا آھن يا عيسى؟ اِھو مثال توسان رڳو جھيڙي لاءِ بيان ڪندا آھن، بلڪ اُھي جھيڙاڪ قوم آھن

59عيسىٰ رڳو ٻانھو آھي جنھن تي ٻاجھ ڪئي اٿون ۽ بني اسرائيلن لاءِ کيس (ھڪ) عبرت ڪئي سون

60۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته اوھان جي بدران زمين ۾ ملائڪن کي نائب ڪريون ھا

61۽ بيشڪ عيسىٰ قيامت جي ھڪ نشاني آھي پوءِ اوھين قيامت ۾ شڪ نه ڪريو ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) منھنجي تابعداري ڪريو (جو) اِھا سِڌي واٽ آھي

62۽ اوھان کي شيطان نه جھلي، ڇوته اھو اوھان جو پڌرو ويري آھي

63۽ جنھن مھل عيسىٰ چٽن معجزن سان آيو (تنھن مھل) چيائين ته اوھان وٽ حڪمت آندي اٿم ۽ (آيو آھيان) ته جن ڳالھين ۾ اختلاف ڪند آھيو تن مان ڪي اوھان لاءِ بيان ڪريان، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو

64بيشڪ الله ئي منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سنديس عبادت ڪريو، اِھا سِڌي واٽ آھي

65پوءِ ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، تنھنڪري ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب کان ظالمن لاءِ خرابي آھي

66(اُھي) رڳو قيامت (جي اچڻ) جو انتظار ڪندا آھن ته اوچتو وٽن اچي ۽ اُھي بي خبر ھجن

67اُنھيءَ ڏينھن پرھيزگارن کانسواءِ (ٻيا) سڀئي دوست ھڪ ٻئي جا دشمن ھوندا

68(چيو ويندو ته) اي منھنجا (اُھي) ٻانھا اڄ اوھان کي نڪي ڀؤ آھي نڪي اوھين غمگين ٿيو

69جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ مُسلمان ھوا

70(چيو ويندو ته) اوھين ۽ اوھان جون زالون بھشت ۾ خُوش ٿي گھِڙو

71مٿن سون جون رڪيبيون ۽ آبخورا ڦيرائبا، ۽ جيڪي دليون گھرنديون ۽ (جنھن جي ڏسڻ کان) اکيون ٺرنديون سو منجھس ھوندو، اوھين منجھس سدائين رھندؤ

72۽ ھي اُھو بھشت آھي جنھن جو اوھان کي انھي سببان وارث ڪيو ويو جو اوھين (چڱا) ڪم ڪندا ھيؤ

73منجھس اوھان لاءِ گھڻا ميوا آھن جن منجھان پيا ٿا کائو

74بيشڪ ڏوھي دوزخ جي عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن

75کائن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ اُھي منجھس نا اُميد (ٿي) رھندا

76۽ مٿن ظلم نه ڪيوسون پر اُھي پاڻ ظالم ھوا

77۽ (دوزخ جي دربان کي) سڏيندا ته اي مالڪ جڳائي ته تنھنجو پالڻھار اسان تي (موت جو) حڪم ڪري (ته عذاب کان ڇُٽون، مالڪ) چوندو ته بيشڪ اوھين ھميشه رھڻ وارا آھيو

78بيشڪ اوھان وٽ سچو دين آندوسون پر اوھان مان گھڻا سچي ڳالھ کي ناپسند ڪرڻ وارا آھن

79(ڪافرن به) ڪنھن ڪم جي رِٿ رٿي آھي ڇا؟ پوءِ بيشڪ اسين به پڪي رِٿ رٿيندا آھيون

80ڀائيندا آھن ڇا ته اسين سندن ڳجھيون ڳالھيون ۽ سندن صلاحون نه ٻڌندا آھيون؟ ھائو (ٻڌندا آھيون) ۽ اسان جا موڪليل ملائڪ وٽن لکندا آھن

81(تون) چؤ ته جيڪڏھن ٻاجھاري (الله) کي ڪو وياءُ ھجي، ته آءٌ (سڀ کان) پھرين (اُن جي) عبادت ڪندڙ ھجان

82(اِھي) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار عرش جو مالڪ پاڪ آھي

83پوءِ کين ڇڏ ته (ايسين ڪوڙين ڳالھين ۾) بڪ ڪن ۽ راند ڪن جيسين پنھنجي اُنھي ڏينھن کي ملن جنھنجو کين انجام ڏجي ٿو

84۽ (الله) اُھو آھي جيڪو آسمانن ۾ معبود آھي ۽ زمين ۾ (به) معبود آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي

85۽ اُھو وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھت آھي، ۽ وٽس ئي قيامت (جي اچڻ) جي خبر آھي، ۽ ڏانھنس موٽائبؤ

86۽ (ڪافر) جن (بُتن) کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي شفاعت ڪري نه سگھندا آھن پر اُھي جن (دين جي) سچي شاھدي ڏني ھوندي ۽ اُھي (اُن جي حقيقت) ڄاڻندا آھن (اُھي شفاعت ڪندا)

87۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته کين ڪنھن خلقيو ته ضرور چوندا ته الله (خلقيو آھي) پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن

88۽ (قسم آھي) پيغمبر جي انھي چوڻ تي ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ ھيءَ اھڙي قوم آھن جو (ڪنھن طرح) ايمان نه ٿا آڻين

89پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ (موڪلائيءَ جو) سلام چؤ، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath