37. الصافات
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي
2پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي
3پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي
4ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي
5(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي
6بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو
7۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون
8ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن
9(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي
10پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي
11پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو
12بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن
13۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن
14۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن
15۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي
16ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟
17اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟
18چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ
19پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا
20۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي
21(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي
22(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا
23تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو
24۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو
25(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟
26بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن
27۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا
28(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ
29(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ
30۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ
31پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون
32پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون
33پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا
34بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون
35بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا
36۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
37بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين
38بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو
39۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ
40پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا)
41اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي
42(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن
43نعمت وارن باغن ۾
44تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا
45وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو
46جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو
47نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا
48۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون
49ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن
50پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا
51منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو
52جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
53ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
54(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
55پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو
56چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو
57۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا
58بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون
59(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون
60بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
61اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن
62ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
63بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي
64بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي
65اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن
66پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا
67وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي
68وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو
69بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو
70تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا
71۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا
72۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون
73پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟
74پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي)
75۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون
76۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون
77۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون
78۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون
79ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي
80بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
81بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي
82وري ٻـين کي ٻوڙيوسون
83۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو
84(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو
85(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
86الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
87پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
88پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين
89پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس
90پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا
91پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟
92اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟
93پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو
94پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا
95(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
96ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو
97(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو
98پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون
99۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي)
100اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر
101پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون
102پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين
103پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو
104۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم
105بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
106بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي
107۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون
108۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون
109ابراھيم تي شال سلام ھجي
110ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
111بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي
112۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي
113۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن
114۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون
115۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون
116۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا
117۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون
118۽ کين سِڌي رستي لاتوسون
119۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون
120مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي
121بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون
122بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن
123۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو
124جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟
125ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
126(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي
127پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن
128پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن)
129۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون
130الياس تي شال سلام ھجي
131بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون
132بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي
133۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو
134(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون
135سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي
136وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون
137۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو
138۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
139۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو
140جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو
141پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو
142پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو
143پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا
144ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا
145پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو
146۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون
147۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون
148پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون
149پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ
150يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا
151خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن
152ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن
153پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
154اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟
155(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟
156يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟
157جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو
158۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا
159(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي
160پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي)
161پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو
162اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو
163پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي
164۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي
165۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون
166۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون
167۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا
168ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا
169ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا
170وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا
171۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو
172ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن
173۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي
174پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ
175۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا
176(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
177پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو
178۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ
179۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا
180تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي
181۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي
182۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath