اسلام
واپس

33. الاحزاب

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1اي پيغمبر الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي

2۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھنجي تابعداري ڪر، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي

3۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي

4الله ڪنھن مڙس جي اندر ۾ ٻه دليون (پيدا) نه ڪيون آھن، ۽ نڪي اوھان جي انھن زالن کي جن کي اوھين ماءُ چئي ويٺا آھيو سي اوھان جون (حقيقي) مائر ڪيائين، ۽ نڪي اوھان جي پُٽيلن کي اوھان جا (حقيقي) پُٽ ڪيائين اھو اوھان جو چوڻ اوھان جي واتن جو آھي، ۽ الله سچ چوندو آھي ۽ اُھوئي (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي

5کين سندن پِين جا (پٽ ڪري) سڏيو اھو الله وٽ بلڪل انصاف آھي، پوءِ جيڪڏھن سندن پيئر نه ڄاڻندا ھجو ته اوھان جا دين ۾ ڀائر ۽ اوھان جا دوست آھن، ۽ جنھن ڳالھائڻ ۾ چوڪ ڪئي ھجيوَ تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي پر اوھان جي دلين جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيو (تنھن ۾ گناھ آھي)، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي

6پيغمبر مؤمنن تي سندن جندن کان وڌيڪ حق رکندو آھي ۽ سندس زالون سندين مائر آھن، ۽ مائٽي وارا ھڪ ٻئي جا پاڻ ۾ الله جي ڪتاب ۾ (ٻـين) مؤمنن ۽ ھجرت ڪندڙن کان وڌيڪ ويجھا آھن پر پنھنجن دوستن سان احسان ڪريو (ته جائز آھي)، اِھو (حُڪم) ڪتاب ۾ لکيل آھي

7۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبرن کان سندن انجام ورتوسون ۽ (پڻ) توکان ۽ نُوح ۽ ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عِيسىٰ پٽ مريم جي کان به، ۽ (ھن لاءِ) کانئن پڪو انجام ورتوسون

8ته (الله) سچن کان سندين سچائي بابت پُڇي، ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس

9اي ايمان وارؤ پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو جڏھن (ڪافرن جا) لشڪر اوھان تي (چڙھائي ڪري) آيا تڏھن مٿن واءُ کي موڪليوسون ۽ (اوھان جي مدد لاءِ ملائڪن جا) اھڙا لشڪر به جن کي اوھان نه ٿي ڏٺو (پوءِ ڪافرن کي ڀڄائي اوھان کي بچايوسون) ۽ جيڪي ڪريو ٿا سو الله ڏسندڙ آھي

10جڏھن (اُھي) اوھان جي مٿان ۽ اوھان جي ھيٺان اوھان وٽ آيا ۽ اُنھيءَ مھل اکيون ٽِڙي ويون ۽ دليون (دھشت کان) نِڙ گھٽن کي پُھتيون ۽ الله جي به نسبت ڪيئي گمان ڀانيوَ ٿي

11اُتي مُؤمنن کي پرکيو ويو ۽ کين تمام سخت لوڏيو ويو

12۽ اُنھيءَ مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن چيو ٿي ته الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انجام نه ڏنو آھي

13۽ اُنھي مھل منجھانئن ھڪ ٽوليءَ چيو ته اي مديني وارؤ اوھان لاءِ (ھتي ترسڻ جي) ڪا جاءِ ڪانھي تنھنڪري موٽو، ۽ منجھانئن ھڪ ٽوليءَ پيغمبر کان موڪلايو ٿي ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گھر ھيڪلا آھن، حالانڪ اُھي ھيڪلا نه ھوا، ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھون

14۽ جيڪڏھن اُن (مديني) جي آس پاس کان مٿن ڪا (ڪافرن جي فوج) اچي ڪڙڪي ھا وري کانئن گھُرو جنگ گھُرڻ ۾ اچي ھا ته ضرور اُھا ڪن ھا ۽ اُن لاءِ ٿوري (دير) کان سواءِ ترسن ئي نه ھا

15۽ (ھن کان) اڳ الله سان انجام ڪيو ھوائون ته (ڀڄڻ لاءِ) پٺيون نه ڦيريندا، ۽ الله جي انجام جي (ضرور) پُڇا ڪئي ويندي

16(کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين مرڻ يا مارجڻ کان ڀڄندؤ ته ڀڄڻ اوھان کي فائدو نه ڏيندو ۽ اُنھيءَ مھل بلڪل ٿورو فائدو ڏنو ويندوَ

17(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان کي الله (جي عذاب) کان ڪير بچائيندو جيڪڏھن اُھو اوھان کي ڪا اوکائي پھچائڻ گھري يا اوھان کي ڪا ٻاجھ پھچائڻ گھري (ته اُھا ڪير روڪيندو؟)، ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو دوست ۽ نڪو مددگار لھندا

18اوھان مان (جھاد کان) جھليندڙن ۽ پنھنجن ڀائرن کي (ھئن) چوندڙن کي ته اسان ڏانھن اچو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) لڙائي ۾ نه ٿا اچن

19(ھٿون) اوھان تي پبچائي ڪندڙ آھن، پوءِ جنھن مھل ڀَـوَ (جو وقت) اچي (تنھن مھل) کين ڏسين ته توڏانھن نھاريندا آھن جو سندن اکيون اُن (ماڻھوءَ) وانگر ڦِرنديون آھن جنھن تي موت (جي سڪرات) جي بيھوشي پھتي ھجي، پوءِ جنھن مھل (جنگ جو) ڀؤ لھندو آھي تنھن مھل (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوھان کي تکين زبانن سان ايذائيندا آھن، انھن ايمان نه آندو تنھنڪري الله سندن اعمال چَٽ ڪيا، ۽ اھو ڪم الله کي آسان آھي

20(خوف جي ڪري) ڀائيندا آھن ته (ڪافرن جا) ڪٽڪ نه ويا آھن، ۽ جيڪڏھن (ڪافرن جا) ڪي ڪٽڪ اچن ھا ته (ھيءَ ڳالھ) گھُرن ھا ته اُھي جيڪر جھنگلن ۾ ويٺل ھجن ھا (۽) اوھان جون خبرون (ھرڪنھن کان) پڇندا رھن ھا، ۽ جيڪڏھن اوھان ۾ ھجن ته رڳو ٿورو (اچي) جنگ ۾ وڙھن

21بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي

22۽ جنھن مھل مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو (تنھن مھل) چيائون ته ھي اُھو انجام آھي جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ڏنو ھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر سچ فرمايو ھو، ۽ اِنھيءَ (حالت) اُنھن کي ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ھيڪارو وڌايو

23مؤمنن مان ڪي اھڙا ماڻھو آھن جو جيڪو الله سان انجام ڪيو ھوائون تنھن کي سچو ڪيائون، پوءِ منجھانئن ڪن پنھنجو ذمون پورو ڪيو ۽ منجھانئن ڪو انتظار ڪندو آھي، ۽ (پنھنجي چوڻ کي) ڪنھن طرح نه مٽايائون

24(اھو ھن ڪري آھي) ته الله سچن کي سندن سچائي سببان بدلو ڏئي ۽ جيڪڏھن گھري ته منافقن کي عذاب ڪري يا (توبه جي توفيق ڏئڻ سان) مٿن ٻاجھ سان موٽي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي

25۽ الله ڪافرن کي سندن ڏمر سميت موٽايو جو ڪا چڱائي نه لڌائون، ۽ الله مؤمنن جي پاران ويڙھ لاءِ ڪافي ٿيو، ۽ الله سگھارو غالب آھي

26۽ ڪتاب وارن مان جن انھن (مشرڪن) جي مدد ڪئي ھئي تن کي (الله) سندن ڪوٽن مان لاٿو ۽ سندين دلين ۾ دھشت وڌائين (جو) ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺوَ ٿي ۽ ٻيءَ ٽوليءَ کي قيدي ڪيوَ ٿي

27۽ (نيٺ) اوھان کي سندين زمين ۽ سندين گھرن ۽ سندن انھيءَ زمين جو وارث ڪيائين جنھن تي پير (به) نه گھُمايو ھيوَ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي

28اي پيغمبر پنھنجي زالن کي چؤ ته جيڪڏھن اوھين دنيا جي حياتي ۽ اُن جو سينگار گھرنديون ھجو ته اچو ته اوھان کي جورو ڏيان ۽ چڱي طرح ڇڏيان

29۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ سندس پيغمبر ۽ آخرت جي گھر (يعني بھشت) کي گھرو ٿيون ته بيشڪ اوھان مان نيڪ بختن لاءِ الله وڏو اجر تيار ڪيو آھي

30اي پيغمبر جون زالون اوھان مان جيڪا پڌري بي حيائي ڪندي تنھن کي وڌائي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، ۽ اِھو الله تي آسان آھي

31۽ اوھان مان جيڪا الله ۽ سندس پيغمبر جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي تنھن کي سندس اجر ٻه ڀيرا ڏينداسين ۽ اُن لاءِ عزت واري روزي تيار ڪنداسين

32اي پيغمبر جون زالون اوھين ڪن ٻـين زالن جھڙيون نه آھيو جيڪڏھن اوھين (الله کان) ڊڄنديون آھيو ته (ڪنھن ڌارئي ماڻھوءَ سان) ڳالھائڻ ۾ ھيٺاھين نه ڪريو ڇوته جنھن جي دل ۾ بيماري آھي سو (متان) طمع ڪري ۽ چڱو سُخن ڳالھايو

33۽ پنھنجن گھرن ۾ رھو ۽ پھرينءَ جاھليت جي سينگار وانگر سينگار نه ڪريو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، اي پيغمبر جا گھر وارؤ الله رڳو ھي گھرندو آھي ته اوھان کان پليتي دور ڪري ۽ ته اوھان کي چڱي طرح پاڪ ڪري

34۽ اوھان جي گھرن ۾ جيڪي الله جي آيتن ۽ دانائيءَ جي ڳالھين مان پڙھيو وڃي ٿو سو ياد ڪريو، بيشڪ الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي

35بيشڪ مُسلمان مرد ۽ مُسلمان زالون ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون ۽ فرمانبردار ۽ فرمانبردارڻيون ۽ سچا ۽ سچيون ۽ صبر وارا ۽ صبر واريون ۽ (خدا کان) ڊڄندڙ ۽ (خدا کان) ڊڄندڙيون ۽ خيرات ڪرڻ وارا ۽ خيرات ڪرڻ واريون ۽ روزي رکڻ وارا ۽ روزي رکڻ واريون ۽ پنھنجي اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا ۽ نگاھ رکڻ واريون ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندڙ ۽ ياد ڪندڙيون انھن (سڀني) لاءِ الله بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آھي

36۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڪنھن ڪم بابت حُڪم ڪري (تڏھن) ڪنھن مؤمن ۽ ڪنھن مؤمنياڻيءَ کي انھي پنھنجي ڪم ۾ ڪو اختيار ھجڻ نه جڳائي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو سو بيشڪ پڌريءَ ڀُل ۾ ڀُلو

37۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تو اُنھيءَ شخص کي چيو ٿي جنھن تي الله فضل ڪيو آھي ۽ تو (به) مٿس احسان ڪيو ته پنھنجيءَ زال کي جھل (۽ طلاق نه ڏي) ۽ الله کان ڊڄ ۽ تون پنھنجي دل ۾ اُھا ڳالھ لڪائين ٿو جنھن کي الله پڌرو ڪندو آھي ۽ ماڻھن کان ڊنين ٿي، حالانڪ الله (ھن ڳالھ جو) وڌيڪ حقدار آھي جو اُن کان ڊڄين، پوءِ جنھن مھل زيد اُن (عورت) کان پنھنجي حاجت پوري ڪئي (يعني طلاق ڏنائين تنھن مھل) اُن کي توسان پرڻايوسون (ھن لاءِ) ته مؤمنن تي پنھنجي پٽيلين جي زالن پرڻجڻ ۾ ڪا اوکائي نه رھي جڏھن (اُھي) اُنھن کان پنھنجي حاجت پوري ڪن (يعني طلاق ڏين)، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (آھي سو) ٿيڻو آھي

38پيغمبر تي اُنھيءَ ۾ ڪا اوکائي نه آھي جيڪي الله اُن (پيغمبر) لاءِ حلال ڪيو آھي، جيڪي اڳ گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جو حُڪم ٺھرايل (اُنھن لاءِ) مُقرّر آھي

39جيڪي الله جا پيغام پھچائيندا آھن ۽ کانئس ڊڄندا آھن ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کان نه ڊڄندا آھن، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي

40ﷴ (ﷺ) اوھان جي مردن مان ڪنھن ھڪ جو پيءُ نه آھي پر الله جو پيغمبر ۽ سڀني پيغمبرن کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آھي، ۽ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي

41اي ايمان وارؤ الله کي تمام گھڻو ياد ڪريو

42۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو کيس پاڪائيءَ سان واکاڻيو

43ھو اُھو آھي جو اوھان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به اوھان لاءِ رحمت جي دُعا گھرندا آھن ته اوھان کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ الله مؤمنن تي مھربان آھي

44جنھن ڏينھن الله کي ملندا (تنھن ڏينھن) سندن کِيڪر سلام آھي، ۽ اُنھن لاءِ عزت وارو اجر تيار ڪيو اٿس

45اي پيغمبر بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو

46۽ الله ڏانھن سندس حُڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو (ڪري موڪليوسون)

47۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ الله جي پار کان وڏو فضل آھي

48۽ ڪافرن ۽ مُنافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائڻ (جي خيال) کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله ڪارساز بس آھي

49اي ايمان وارؤ جڏھن مؤمنياڻين کي پرڻجو (۽) وري کين ھٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو تڏھن مٿن ڪا عِدّت اوھان لاءِ ڪانھي جنھن کي (اوھين) ڳڻيو، پوءِ کين (ڇڙو) جورو ڏيو ۽ چڱيءَ طرح سان کين ڇڏيو

50اي پيغمبر بيشڪ اسان تولاءِ اُھي زالون حلال ڪيون جن کي تو سندن ڪابين ڏنو ۽ جيڪي ٻانھيون الله توتي عنايت ڪيون تن مان جن تي تنھنجو ھٿ مالڪ ٿيو سي ۽ تنھنجي چاچي جون ڌيئر ۽ تنھنجي پڦين جون ڌيئر ۽ ۽ تنھنجي مامي جون ڌيئر ۽ تنھنجي ماسين جون ڌيئر جن توسان ھجرت ڪئي حلال ڪيوسون، ۽ اُھا مؤمنياڻي زال به (حلال ڪئي سون) جيڪا پنھنجي جِند پيغمبر کي (سواءِ مھر وٺڻ جي) بخشي بشرطيڪ پيغمبر کيس پرڻجڻ جو ارادو ڪري، (اھو ڪم) مؤمنن کانسواءِ خلاصو تولاءِ آھي، انھن (مؤمنن) تي سندن زالن ۽ سندن ٻانھين بابت جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن جيڪي (ڪابين ۽ خرچ ڏيڻ) فرض ڪيو اٿون سو بيشڪ ڄاتو اٿون (اھو) ھن ڪري ته توتي ڪا اوکائي نه ھجي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي

51منجھانئن جنھن کي گھرين تنھن کي ڇڏي ڏئين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏئين، ۽ جن کي تو پاسي ڪيو تن مان وري جنھن کي طلب ڪرين ته توتي ڪو گناھ نه آھي، اِھو (اختيار) ھن (ڳالھ) کي تمام ويجھو آھي ته سندن اکيون ٺرن ۽ (اُھي) غمگين نه ٿين ۽ جيڪي تون کين ڏئين تنھن کان اُھي سڀ خوش ٿين، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي

52(اي پيغمبر) انھن (ٻن قسمن) کانپوءِ توکي ٻيون زالون حلال نه آھن ۽ نڪي انھن جي بدلي (ٻيون) زالون نڪاح ڪرين جيتوڻيڪ سندن سونھن توکي پسند اچي پر تنھنجو ھٿ جنھن جو مالڪ ٿيو آھي (تنھن ۾ توکي اختيار آھي)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي

53اي مؤمنو پيغمبر جي گھرن ۾ اُنھيءَ (وقت) کانسواءِ اندر نه وڃو (جنھن وقت) اوھان کي ڪنھن طعام (کائڻ) لاءِ اچڻ جي موڪل ڏني وڃي ۽ (اھڙي وقت وڃو جو) ان جي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪندڙ نه ھجو پر جڏھن اوھان کي سڏيو وڃي تڏھن اندر وڃو پوءِ جڏھن کائي رھو تڏھن نڪري وڃو ۽ ڪنھن ڳالھ ۾ ريجھي ويھي نه رھو، ڇوته انھيءَ (ڪم) پيغمبر کي ايذايو ٿي پوءِ (ھن) اوھان کان لڄ ڪئي ٿي، ۽ الله حق (چوڻ) کان لڄ نه ڪندو آھي، ۽ جڏھن انھن (پيغمبر جي بيبين) کان ڪا شيء گھرو تڏھن پردي جي ٻاھران کانئن گھرو، اھو (ڪم) اوھان جي دلين ۽ انھن جي دلين لاءِ ڏاڍو پاڪ آھي، ۽ اوھان کي نه جڳائيندو آھي ته الله جي پيغمبر کي ايذايو ۽ نڪي (جڳائيندو آھي) ته اُن کانپوءِ سندس زالون اوھين ڪڏھن پرڻجو، ڇوته اُھو (ڪم) الله وٽ وڏو (گناھ) آھي

54جيڪڏھن ڪنھن ڳالھ کي پڌرو ڪريو يا اُن کي لڪايو ته بيشڪ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي

55زالن تي نڪي پنھنجن پين ۽ نڪي پنھنجن پٽن ۽ نڪي پنھنجن ڀائرن ۽ نڪي پنھنجن ڀاٽين ۽ نڪي پنھنج ڀاڻيجن ۽ نڪي پاڻ جھڙين زالن ۽ نڪي جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن تن جي اڳيان (پردي نه ڪرڻ ۾) گناھ آھي، ۽ (اي زالون) الله کان ڊڄو ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي حاضر آھي

56بيشڪ الله ۽ سندس ملائڪ پيغمبر تي رحمت موڪليندا آھن، اي ايمان وارؤ اوھين به مٿس صلوات پڙھو ۽ پوري طرح سلام چئو

57بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آھي ۽ اُنھن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿس

58۽ جيڪي (ماڻھو) م‍ؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙي ڪم (جي تھمت) سان ايذائيندا آھن جو اُنھن نه ڪيو ھجي تن بيشڪ ڪوڙي ٺاھ ۽ پڌري گناھ جو بار کنيو

59اي پيغمبر پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ڌيئرن ۽ مؤمنن جي زالن کي چؤ ته (جيڪڏھن ٻاھر نڪرن ته) پاڻ تي پنھنجون چادرون وجھن، اِھو (ھِن ڳالھ کي) تمام ويجھو آھي ته اُھي سڃاتيون وڃن پوءِ کين ايذاءُ نه ڏنو وڃي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي

60منافق ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙين ڳالھين پکيڙڻ وارا جيڪڏھن (پنھنجي عادت کان) نه جھلبا ته مٿن توکي بڇينداسون وري ٿورن (ڏينھن) کانسواءِ اُن (يعني مديني) ۾ تنھنجا پاڙيسري نه ٿيندا

61لعنت ڪيل آھن، جتي لڀندا تِتي پڪڙبا ۽ چڱي طرح ماربا

62جيڪي (ھن کان) گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن مت سٽ نه ڏسندين

63ماڻھو توکان قيامت بابت پڇن ٿا، (کين) چؤ ته اُن جي خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ ڪھڙيءَ (ڳالھ) توکي ڄاڻايو متان قيامت ويجھڙو ئي ٿيندي ھجي

64بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آھي ۽ انھن لاءِ ساڙيندڙ باھ تيار ڪئي اٿس

65منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو مددگار لھندا

66جنھن ڏينھن سندن منھن باھ ۾ اونڌا ڪبا (تنھن ڏينھن) چوندا ته اسان لاءِ ھيءَ ارمان (جيڪر) الله جي فرمانبرداري ڪريون ھا ۽ پيغمبر جي (به) فرمانبرداري ڪريون ھا (ته چڱو ھو)

67۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان پنھنجن سردارن ۽ پنھنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي ته انھن اسان کي واٽ کان ڀُلايو

68اي اسانجا پالڻھار کين ٻيڻو عذاب ڪر ۽ مٿن تمام وڏي لعنت ڪر

69اي ايمان وارؤ (اوھين) اُنھن وانگر نه ٿيو جن مُوسىٰ کي ايذايو پوءِ جيڪي چيائون تنھن کان الله کيس پاڪ ڪيو، ۽ (اھو) الله وٽ مانَ وارن مان ھو

70اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھ چئو

71(ته) اوھان جا عمل اوھان لاءِ سُڌاري ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ وڏي مراد ماڻي

72بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن کي امانت آڇي ته اُن جي کڻڻ کان انڪار ڪيائون ۽ کانئس ڊنا ۽ اُن کي انسان کنيو، بيشڪ اُھو تمام ظالم جاھل آھي

73(ھيءَ آڇ ھن لاءِ آھي) ته الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري ۽ الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath