16. النحل
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري ان جي تڪڙ نه ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ انھيءَ شيءِ کان مٿان آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرّر ڪندا آھن
2پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي ته (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (ته خدا ٿو فرمائي) ته مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو
3آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شيءِ ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان اُھو پاڪ آھي
4آدميءَ کي منيءَ مان خلقيائين پوءِ اوچتوئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو
5۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو
6جنھن مھل (اُھي ڍور) سھڙائيندا ايندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي
7۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءُ جي اوکائيءَ کانسواءِ پھچي نه سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇوته اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي
8۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (بڻايائين) ته انھن تي اوھين چڙھو ۽ (انھن) کي زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو سي (به) پيدا ڪندو آھي
9۽ الله ڏانھن سِڌو رستو پھچندو آھي ۽ اُن مان ڪي (رستا) مُڙيل آھن، ۽ جيڪڏھن (الله) گھري ھا ته اوھان مڙني کي سِڌو رستو ڏيکاري ھا
10اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان اوھان لاءِ پاڻي وسايو منجھانئس ڪجھ پئڻ جو آھي ۽ منجھانئس جھنگ (پيدا ٿيندو) آھي جنھن ۾ مال چاريندا آھيو
11اُن سان پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ ڊاکون ۽ ھر جنس جا ميوا اوھان لاءِ ڄمائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي
12۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن سج ۽ چنڊ تابع ڪيائين، ۽ تارا سندس حُڪم سان تابع ڪيل آھن، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن
13۽ قسمين قسمين رنگن جون (شيون ۽ جانور) جيڪي زمين ۾ پيدا ڪيائين سي به اوھان لاءِ آھن، بيشڪ اُن ۾ نصيحت وٺندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
14۽ اُھو (الله) آھي جنھن درياء کي ھن لاءِ تابع ڪيو ته اوھين منجھانئس تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ۽ منجھانئس اُھي زيور (يعني موتي) ڪڍو جيڪي اوھين ڍڪيندا آھيو، ۽ منجھس ترندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين ۽ انھيءَ لاءِ ته اوھين سندس فضل ڳوليو ۽ ته مانَ اوھين شڪر ڪريو
15۽ زمين ۾ مُحڪم جبل کوڙيائين ته متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون ۽ رستا بڻايائين ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو
16۽ نشان (پيدا ڪيائين)، ۽ تارن سان اُھي سِڌو رستو لھندا آھن
17جيڪو پيدا ڪري سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا جو (ڪي به) پيدا نه ڪري؟ پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
18۽ جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو ته انھن کي (ڪڏھن به) ڳڻي نه سگھندؤ، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي
19۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي
20۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شيء خلقي نه سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن
21بي جان مُردا آھن، ۽ نه ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن کڙا ڪيا ويندا
22اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نه آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن
23(ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پيار نه ڪندو آھي
24۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن ته اڳين جون اکاڻيون
25(اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي
26جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جو حُڪم سندن اڏاوتن کي پيڙھي کان پٽيو ۽ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نه ٿي
27وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا ته اَڄ انھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي
28جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساہ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھوا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا ته) اسان ڪا بڇڙائي نه ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا ته) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي
29پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي
30۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو ته ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي، چوندا ته چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي
31جو ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس آھي، اھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو
32(اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن اَلسّلامُ عليڪم جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو
33ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نه ڪندا آھن، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا
34پوءِ کين سندن ڪرتوتن جي بڇڙائي پھتي ۽ جنھن لاءِ ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويئي
35۽ مُشرڪ چوندا آھن ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته اُن ڌاران ڪا شيء نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کائن اڳ ھوا تن به ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نه آھي
36۽ بيشڪ سڀڪنھن ٽولي ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟
37(اي پيغمبر) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (ته منجھائن ڪوبه فائدو نه آھي) ڇوته الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نه ڪندو آھي ۽ انھن جو ڪوبه مددگار نه آھي
38۽ الله جو پڪي طرح قسم کنيائون ته جيڪو مرندو تنھن کي الله وري نه جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ وعدو ٿي چڪو آھي مگر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن
39ھن لاءِ (وري جياريندو) ته جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو انھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ ته ڪافر ڄاڻن ته اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھوا
40ڪنھن به شيءِ لاءِ اسان جو چوڻ ھن (چوڻ) کانسواءِ نه آھي ته جڏھن اسين اُنکي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون ته اُن لاءِ چوندا آھيون ته ٿيءُ ته ٿي پوندي آھي
41۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله (جي واٽ) ۾ وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏيندا آھيون، ۽ ضرور آخرت جو اجر تمام وڏو آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا
42(اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا
43۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان کانسواءِ نه موڪليو اٿون انھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي ماڻھو) جيڪڏھن اوھين نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو
44دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو ته جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ مانَ اُھي پروڙين
45جن بڇڙي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا ته الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نه ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي
46يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن
47يا ڀوائتيءَ حالت ۾ کين پڪڙي، پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي
48الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇونه ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن
49۽ جيڪي آسمانن ۾ آھن سي ۽ جيڪي جانور زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن
50(ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان غالب آھي ۽ جيڪي حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن
51۽ الله فرمايو آھي ته اوھين ٻه خدا ڪري نه وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو
52۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي ۽ اُن جي عبادت سدائين (لازم) آھي، پوءِ الله کانسواءِ ٻـين کان ڇو ڊڄندا آھيو؟
53۽ جيڪا نعمت اوھان تي ٿيل آھي سا الله جي پار کان آھي پوءِ جڏھن اوھان تي سختي پھچي ٿي ته ڏانھس دانھون ڪندا آھيو
54وري جڏھن اوھان کان ڏک لاھي (تڏھن) جھٽ پٽ اوھان مان ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر ڪندي آھي
55ھن لاءِ ته کين جيڪي ڏنوسون تنھن جي بي شڪري ڪن، پوءِ دنيا ۾ خوش گذاريو، پوءِ سِگھو ڄاڻندؤ
56۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصّو مُقرّر ڪندا آھن جي نه ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي ته جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ
57۽ الله لاءِ ڌيئرون مُقرّر ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پُٽ سو مُقرّر ڪندا آھن)
58۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءُ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس مُنھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي
59جيڪا کيس بڇڙي خبر ڏني وئي تنھنجي ناراضپي سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتي ۾ پوندو آھي ته) اُن ڌيءُ کي خواريءَ ۾ رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪي نبيرو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
60جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي
61۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي ته ڪنھن چرندڙ کي زمين تي نه ڇڏي پر اُنھن کي ٺھرايل مدّت تائين مُھلت ڏني اٿس، پوءِ جنھن مھل سندن مھلت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا
62۽ الله لاءِ اُھا شيء مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن ته سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن
63الله جو قسم آھي ته بيشڪ توکان اڳ اُمّتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
64۽ (اي پيغمبر) توتي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نه ڪيوسون ته جن بابت تڪرار ڪيو تن کي تون بيان ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
65۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
66۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچون نج کير اوھان کي پيارينديون آھن جو پيئندڙن کي وڻندڙ آھي
67۽ کجين جي ۽ ڊاکن جي ڦرن مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشاني آھي
68۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مَک ڏانھن الھام ڪيو ته ڪن جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن شين مان (ماڻھو گھرن جون) ڇتيون جوڙيندا آھن تن ۾ گھر بڻاءِ
69وري ھر ڪنھن جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي عاجزيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شيء (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي
70۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان نڪميءَ عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نه ڄاڻي، ڇوته الله ڄاڻندڙ وس وارو آھي
71۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نه آھن ته اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟
72۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن
73۽ الله ڌاران انھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نه رکندا آھن ۽ نڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن
74پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نه ڪريو، ڇوته الله ڄاڻندڙ آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو
75الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شيءِ تي وس نه ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن سان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪري، (اھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن
76۽ الله ٻن مڙسن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گنگو ھجي ڪنھن شيء تي وس ڪونه ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نه آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي
77۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو انھيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي
78۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نه ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو
79آسمانن جي ھوا ۾ تابع ڪيل پکين ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ انھن کي الله کانسواءِ ڪونه جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن
80۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڄاڻندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين ملسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جوڳچ) مُدّت تائين (ڪم ڏئي ٿو)
81۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي ته مانَ اوھين فرمانبرداري ڪريو
82پوءِ جيڪڏھن ڦرندا ته (اي پيغمبر) توتي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي
83الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نه مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن
84۽ جنھن ڏينھن ھر ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نه ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا
85۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کائن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي
86۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن شريڪن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھيء اسان جا اُھي شريڪ آھن جن کي توکانسواءِ سڏيندا ھواسين، پوءِ اُھي (بُت) انھن کي ورندي ڏيندا ته اوھين ڪُوڙا آھيو
87۽ انھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کائن ڀُلجي ويندو
88جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھوا
89۽ اُن ڏينھن سڀڪنھن ٽوليءَ ۾ سندين جنس مان مٿن شاھد کڙا ڪنداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي ھنن (يعني اُمّت) تي شاھد آڻينداسون، ۽ ھر شيء جي پڌرائيءَ لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ توتي ڪتاب نازل ڪيوسون
90بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ مدائي ۽ زبردستي کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو ته مانَ اوھين نصيحت وٺو
91۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي) پاڻ ۾ انجام ڪريو (تڏھن) الله جو انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نه ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي
92۽ اُن زال وانگر نه ٿيو جنھن پنھنجو سُٽ ڪتيل پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڇني ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيو، اوھين قسمن کي ھن لاءِ پاڻ ۾ حيلو بڻايو ٿا ته (ھڪ) ٽولي ٻي ٽوليءَ کان وڌيڪ ٿئي، الله ته اوھان کي رڳو اُن سان پرکيندو آھي، ۽ جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو سو قيامت جي ڏينھن اوھان جي لاءِ ضرور بيان ڪندو
93۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت اوھين ضرور پُڇبؤ
94۽ اوھين پنھنجن قسمن کي پاڻ ۾ ٺڳي نه بڻايو نه ته اُنھن جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ اوھان جا پيرَ ترڪندا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ سببان سزا چکندؤ، ۽ اوھان کي وڏو عذاب ٿيندو
95۽ الله جي انجام کي ٿوري مُلھ سان نه وِڪڻو، ڇوته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته جيڪي الله وٽ آھي سو اوھان جي لاءِ چڱو آھي
96جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون
97جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مڙس ھُجي يا زال ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھنجو بدلو کين تمام چڱيءَ طرح ڏينداسون
98پوءِ (اي پيغمبر) جڏھن قرآن پڙھين تڏھن تڙيل شيطان (جي شر) کان الله جي سام پؤ
99ان کي ايمان وارن تي ۽ جي پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن تن تي ڪو غلبو نه آھي
100سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (انھن تي به) جيڪي الله سان شريڪ (مقرّر) ڪندا آھن
101۽ جڏھن ھڪڙي آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن ته تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نه!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن
102(اي پيغمبر) کين چؤ ته اُھو قرآن تنھنجي پالڻھار وٽان جبرئيل سچ سان ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته مؤمنن کي ثابت رکي ۽ مُسلمانن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري ھجي
103۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته اُھي چوندا آھن ته اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھي (قرآن) پڌري عربي ٻوليءَ ۾ آھي
104بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
105ڪوڙو ٺاھ انھن کان سواءِ ڪونه ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن
106جنھن کي (ايمان کان ڦرڻ جو) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪي چوي) ۽ سندس دل ايمان سان آراميل ھجي اُن کانسواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن تي وڏو عذاب آھي
107اھو ھن ڪري آھي جو انھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادہ پسند ڪيو آھي ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي
108اِھي اُھي آھن جو سندين دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن
109بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن
110وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار انھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي
111انھيءَ ڏينھن سڀڪو جيءُ پنھنجي طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ سڀڪنھن نفس جيڪي ڪمايو تنھنجو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ انھن سان ظلم نه ڪبو
112۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قِصو بيان ڪيو جو بي ڀئو آراميل ھو ان کي سندس روزي سڀڪنھن ھنڌان سوکائيءَ سان ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪرائي ڪيائون پوءِ جيڪي ڪندا ھوا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀؤ جي پوشاڪ چکائي
113۽ بيشڪ منجھائن (ھڪ) پيغمبر وٽن آيو پوءِ کيس ڪُوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين عذاب پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا
114پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو ته سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو
115مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شيء کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪي به) اوھان تي حرام نه ڪيائين، پوءِ جيڪو نافرماني ڪندڙ نه ھجي ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي
116۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھنڪري) نه چئو ته ھي حلال آھي ۽ ھيءُ حرام آھي ته الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نه ڇٽندا
117(۽ ھيءُ حياتي) ٿوري وَٿ آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
118۽ جيڪي توتي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا
119وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کانپوءِ بلڪل بخشڻھار مھربان آھي
120ابراھيمؑ ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو
121الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس
122۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي
123(اي پيغمبر اُن کان) پوءِ توڏانھن وحي ڪيوسون ته ھڪ مُھاڙي دين ابراھيم جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نه ھو
124جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نه ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن
125(اي پيغمبر) حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ چڱي طرح کين الزام ڏي، تحقيق جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي
126۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو ته جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو انھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ته اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي
127۽ (اي پيغمبر) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله ئي جي توفيق سان آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي خفي رہ
128جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath