15. الحجر
توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي
1الٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن
2ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا ته جيڪر مُسلمان ھُجون ھا
3(اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن ۽ (لذتن ۾) آسودا رھي گذارين ۽ کين آسرو رينجھائي ڇڏي ۽ سگھوئي ڄاڻندا
4۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نه ڪيوسون (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) پر اُن لاءِ مُقرّر حڪم ڪيل ھو
5ڪائي ٽولي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کان نڪي تڪڙ ڪندي ۽ نڪي پوءِ تي رھي سگھندي
6۽ (ڪافرن) چيو ته اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي بيشڪ تون ضرور چريو آھين
7جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نه آڻيندو آھين؟
8(اي پيغمبر) کين چؤ ته ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نه ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نه مڃين ته) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نه ڏني ويندي
9اسان نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون
10۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون
11۽ ڪو پيغمبر وٽن نه ايندو ھو جو انھن سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه ڪندا ھوا
12۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون
13جو اُن کي نه مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي
14۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا ته ان ۾ سدائين چڙھندا رھن
15ضرور چون ھا ته رڳو اسان جون بند ڪيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون
16۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريو سون
17۽ اُن کي سڀڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون
18پر جيڪو چوريءَ ٻڌي تنھن جي پويان پڌرو اُلنبو پوندو آھي
19۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙيا سون ۽ منجھس ھر شيءِ اندازي سان ڄمائي سون
20۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو
21۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون
22۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو
23۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون
24۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون
25۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي
26۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو
27۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون
28۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان
29پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو
30پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو
31سواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو
32(الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين
33(ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي
34(الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين
35۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي
36(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي
37(الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين
38ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين
39(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس
40سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن
41(الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين
42گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي
43۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي
44اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي
45بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا
46(کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو
47۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا
48اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا
49(اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان
50۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي
51۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي
52جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون
53چيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا
54(ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟
55چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ
56(ابراھيمؑ) چيو ته پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گُمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نا اُميد ٿيندو؟
57(وري ابراھيمؑ) چيو ته اي موڪليل (ملائڪو) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي
58چيائين ته اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون
59مگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون
60سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي
61پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا
62(تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو
63چيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا
64۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون
65پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو
66۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي
67۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا
68(لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو
69۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم
70چيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟
71(لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن
72(اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا
73پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن
74۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو ان جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پھڻ وساياسون
75بيشڪ ان ۾ عِبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن
76۽ اِھو ڳوٺ ھميشه (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو
77بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن
78۽ ايڪه (جي ڳوٺن) وارا ظالم ھوا
79پوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا
80۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو
81۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا
82۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا
83پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو
84پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو
85۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر
86بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي
87۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون
88اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر
89۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
90جھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون
91جن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو
92(تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون
93جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت
94جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ
95اسان تنھنجي طرفان انھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي
96جي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا
97۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي
98۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج
99۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي
ذريعو: Taj Mehmood Amroti
WEBREATH · 11:11
«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7
Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.
WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath