اسلام
واپس

101. القاري

توھان جي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ترجمو ناھي - انگريزي ڏيکاريندي

1سخت ٺوڪيندڙ

2(اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟

3۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟

4جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا

5۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا

6پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا

7سو دلپسند گذران ۾ ھوندو

8۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا

9تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي

10۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟

11ھڪ ٻرندڙ باھ آھي

ذريعو: Taj Mehmood Amroti

WEBREATH · 11:11

«If you are thankful, I will give you more» — Quran 14:7

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath