عيسائيت
واپس

1 Peter 5

مشيني ترجمو: ھن روايت جو اڃا تائين توھان جي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪونھي

1آءٌ پڻ ھڪ بزرگ، مسيح جي ڏکن جو شاھد، ۽ ان جلال جو حصيدار آھيان جيڪو ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھنڪري اوھان جي بزرگن کي ھيءَ التجا ٿو ڪريان:

2خدا جي ان ڌڻ جي چوپاني ڪريو جيڪو اوھان جي سنڀال ھيٺ آھي، ان جي نظرداري لاچاريءَ سان نہ، بلڪ خوشيءَ سان خدا جي مرضيءَ مطابق ڪريو؛ نڪي لالچ جي خاطر، پر دل جي سچي شوق سان؛

3نڪي انھن تي حڪومت ھلايو جيڪي اوھان جي حوالي ڪيا ويا آھن، بلڪ ڌڻ لاءِ ھڪڙو نمونو بنجو.

4۽ جڏھن وڏو ڌنار ظاھر ٿيندو، تڏھن اوھان کي جلال جو اھڙو تاج ملندو جيڪو ڪڏھن ڪومائجڻ وارو ناھي.

5اي جوانؤ، اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجي بزرگن جي تابع رھو. ۽ اوھين سڀ ھڪٻئي جي سامھون عاجزيءَ جو وڳو پھري ڇڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ”خدا مغرورن جي برخلاف آھي، پر حليمن تي فضل ڪري ٿو.“

6تنھنڪري خدا جي سگھاري ھٿ ھيٺ پاڻ کي عاجز بنايو، تہ جيئن ھو وقت تي اوھان کي سرفراز ڪري.

7پنھنجي سڀ ڳڻتي مٿس اڇلائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو اوھان جو فڪر رکي ٿو.

8ھوشيار ۽ خبردار رھو. اوھان جو ويري ابليس، گجندڙ شينھن وانگر ڳوليندو ڦري ٿو تہ ڪنھن کي کائي ناس ڪري.

9ايمان ۾ مضبوط ٿي سندس سامھون ٿيو، اھو ڄاڻندي تہ اوھان جا ڀائر، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آھن، اھڙا ئي ڏک سھي رھيا آھن.

10۽ سڀني فضلن جو خدا، جنھن اوھان کي مسيح ۾ پنھنجي ابدي جلال لاءِ سڏيو آھي، اوھان جي ٿوري وقت تائين مصيبت سھڻ کان پوءِ، پاڻ اوھان کي ڪامل ڪندو، قائم رکندو، سگھ بخشيندو، ۽ مضبوط ڪندو.

11ھميشہ ھميشہ تائين حڪومت انھيءَ جي ئي ھجي. آمين.

12مون سلوانس جي ھٿان، جنھن کي آءٌ ھڪ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو، اوھان ڏانھن مختصر لکيو آھي، اوھان کي دلاسا ڏيندي ۽ اھا شاھدي ڏيندي تہ خدا جو سچو فضل ھي ئي آھي. ان تي قائم رھو.

13بابل واري ڪليسيا، جيڪا اوھان سان گڏ چونڊيل آھي، اوھان کي سلام موڪلي ٿي، ۽ منھنجو پٽ مرقس پڻ.

14هڪٻئي کي محبت جي چميءَ سان سلام ڪريو. اوهان سڀني کي، جيڪي مسيح ۾ آهيو، سلامتي هجي.

ذريعو: Berean Standard Bible

WEBREATH · 11:11

«He himself gives everyone life and breath and everything else» — Acts 17:25

Breath is one for all: everyone lives by it, whoever they are and whatever they believe. Every day at 11:11 local time people stop for sixty seconds, breathe, and thank GOD for the breath — each in their own words, each within themselves. In that minute we are One Breath.

WEBREATH — the Minute at 11:11, your own local time — we are One Breath